امين محمد اول هالائي مخدوم

امين محمد اول هالائي مخدوم: مخدوم امين محمد اول، حضرت مخدوم نوح سرور عليه الرحمة جو فرزند ۽ گادي نشين هو. مخدوم صاحب شريعت ۽ طريقت جو صاحب هو، سندن ولادت 5 ربيع الاول 952هه بمطابق 17 مئي 1545ع تي ٿي. هن ذڪر ۽ سهروردي طريقي جي ڄاڻ پنهنجي والد کان ورتي. جڏهن سندس عمر 26 سال ٿي ته پنهنجي والد جي مسند سنڀاليائين ۽ مريدن کي ذڪر ۽ تلقين جا درس ڏيڻ شروع ڪيائين. مخدوم صاحب جو شمار سنڌ جي وڏن اوليائن ۽ بزرگن ۾ ٿئي ٿو، سندن ڪرامت بابت ڪافي روايتون موجود آهن، هو 16 سال ٻه مهينا سجاده نشين رهيو ۽ 63 سالن جي عمر ۾ 7 شعبان المعظم 1015هه/ 1606ع جمعي جي ڏينهن منجهند جو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين.

هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1545.05.17  عيسوي

امين محمد -اول- هالائي مخدوم: مخدوم امين محمد -اول- ، حضرت مخدوم نوح سرور عليه الرحمة جو فرزند ۽ گادي نشين هو . مخدوم صاحب شريعت ۽ طريقت جو صاحب هو ، سندن ولادت 5 ربيع الاول 952هه بمطابق 17 مئي 1545ع تي ٿي

0952.03.05  هجري

1606.00.00  عيسوي

63 سالن جي عمر ۾ 7 شعبان المعظم 1015هه/ 1606ع جمعي جي ڏينهن منجهند جو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين

1015.08.07  هجري

63 سالن جي عمر ۾ 7 شعبان المعظم 1015هه/ 1606ع جمعي جي ڏينهن منجهند جو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين

شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فتح علي جتوئي
پير وفا راشدي ڊاڪٽر
سنت سُروپداس
خالد شمس الحسن
ڄام سيف الله ڌاريجو:
ڪشنچند پارواڻي
راجا مانڊم راءِ
ٽوانا
حسن حيدرآبادي
جمالي مصري خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون